توهين قرآن معاملو: بغداد ۾ سوين مڇريل ماڻهن سوئيڊن جي سفارتخاني کي باهه ڏئي ڇڏي

توهين قرآن جي معاملي تي عراقي گادي واري شهر بغداد ۾ سوين مڇريل ماڻهن حملو ڪندي سوئيڊن جي سفارتخاني کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب سوئيڊن جي سفارتخاني تي حملو عراقي اڳواڻ مقتدي الصدر جي حامين ڪيو. سوئيڊن جي سفارتخاني جي ٻاهران صبح جو سوير مظاهرو سوئيڊن ۾ قرآن جي هڪ دفعو ٻيهر بيحرمتي جي اجازت ڏيڻ تي ڪيو ويو هو. ان دوران مظاهرين سوئيڊن جي سفارتخاني ۾ داخل ٿيا ۽ انهن اتي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ باهه ڏئي ڇڏي.عراق جي پرڏيهي وزارت سوئيڊن جي سفارتخاني کي باهه ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت لاڳاپيل سيڪيورٽي اختيارين کي واقعي جي جاچ سان گڏ ضروري حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي.عراقي اختيارين موجب واقعي ۾ سفارتخاني جو عملو محفوظ آهي، باهه کي وسايو ويو آهي ۽ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف سوئيڊن جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته سفارتخاني ۽ سفارتي عملي جي حفاظت جي مڪمل ذميواري عراقي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي.