جسٽس سردار طارق مسعود وقتي چيف جسٽس جو حلف کڻي ورتو

سپريم ڪورٽ جي جسٽس سردار طارق مسعود وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان جو حلف کڻي ورتو آهي سينئر جج جسٽس اعجازالاحسن وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جا ججز پڻ شريڪ ٿيا گذريل ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس سردار طارق مسعود جي بطور وقتي چيف جسٽس آف پاڪستان مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. قانون واري وزارت جسٽس طارق مسعود جو وقتي چيف جسٽس پاڪستان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سياري جي موڪلن دوران 14 ڏينهن لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو آهي. سندس جڳهه تي جسٽس سردار طارق مسعود ٻن هفتن تائين ذميواريون نڀائيندو.