جميعت علماء طاهريه ضلعه ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي طرف کان پنهنجي روحاني رهبر پيشوا سيدي ومرشدي محبوب سڄڻ سائين مدظله العالي جن 60سالگره جي تقريب ڳوٺ صوڀو خان اوڳاهي م ڪوٺائي وئي جنهن جو آغاز تلاوت قرآن مجيد سان مولانا رياض حسين اوڳاهي جن ڪيو نعت فقير غلام ياسين حسيني جن پيش ڪئي مولانا خالد حسين اوڳاهي جن پنهنجي مرشد جي شان م منقبت پيش ڪئي ان کان بعد م ضلعي صدر مولانا محمد عالم اوڳاهي آيل معزز مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو جماعت اصلاح المسلمين جي جنرل سيڪريٽري جاويد احمد اوڳاهي کي گلن جا هار پهرايا ان کان بعد ضلعي ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري مولانا زين العابدين طاهري تقريب م آيل مهمانن کي ليڪچر ڏيندي پنهنجي قائدمحبوب سڄڻ سائين جن جي ديني ملت قومي خدمات تي روشني وڌي ۽ ان جي فڪر
ونظريات تي ڳالهائيندي چيو ت اسان جي اسان جي قاعد جي هي سوچ ۽ پيغام آھي ت اسان سڀ نفرتون ختم ڪيون پاڻ م محبت تقسيم ڪيو تعليم کي بهتر بنايون پاڻ ۾ صبر بردباري پيدا ڪيون ۽ پنهنجي نياڻن کي تعليم ڏياريون پنهنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪيون پاڻ کي ظاهر م ڪاروبار م مصروف رکون دل جي طرف خاص رب جي زڪر جو توجه ڏيون ماڻھن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ کان بهتر آھي ت پنهجو ڪاروبار ڪري پنهنجي زندگي آسان بنايون