جيڪڏهن : اسيمبليون 12 آگسٽ تي ٽوڙيون ويون ته عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ڪرائينداسين: اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد چيو آهي ته جيڪڏهن اسيمبليون پنهنجو مدو پوريون ڪنديون يا پوءِ 90 ڏينهن هجن ته اسان عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون صحافين سان ڳالهيون ڪندي اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد چيو آهي ته ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ صحافين سان رابطي ۾ رهون. چونڊ اصلاحات ڪميٽي کي اليڪشن ڪميشن 60 کان وڌيڪ سفارشون ڏنيون هيون، منهنجي ڄاڻ موجب اسان جون سموريون سفارشون منظور ڪيون ويون آهن هن چيو ته جيستائين اسان جون سفارشون باضابطه طور تي منظور نٿيون ٿين ان وقت تائين ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن نئين آدمشماري جي منظوري ٿئي ٿي ته اسان کي تڪ بندين لاءِ 4 مهينا لڳندا. اسيمبليون 12 آگسٽ تي ٽٽن ٿيون ته عام چونڊون 11 آڪٽوبر تائين ڪرائينداسين.