نيو يارڪ: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حجاب تي پابندي ۽ توهين مذهب سنگين مسئلو آهي.نيو يارڪ ۾ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي ڏينهن جي يادگاري تقريب جي پڄاڻي واري سيشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلامو فوبيا اڄوڪي دور جو هڪ اهم مسئلو اهي.هن چيو ته اسلام امن ۽ رواداري جو دين آهي، نائين اليون کانپوءِ دنيا ۾ اسلامو فوبيا ۾ واڌ ٿي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا.سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ منظم انداز ۾ مسلمانن خلاف نفرت پکيڙي وئي، فاشسٽ پاليسين سان مسلمانن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حجاب تي پابندي ۽ توهين مذهب سنگين مسئلو آهي.