حضرت لعل شهباز قلندر جو ساليانو عرس اڄ کان شروع

سيوهڻ: صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جو 771هون ساليانو ٽن ڏينهن جو عرس اڄ ڇنڇر 11 مارچ کان شروع ٿي رهيو آهي.حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جي موقعي تي زائرين جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو 3 ڏينهن تائين جاري رهندو. هن 3 ڏينهن جي عرس جي تقريبن ۾ لکين زائرين حاضري ڏيندا. جڏهن ته سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان عرس جي داخلي، خارجي ۽ چوڌاري رستن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.سيوهڻ شريف سنڌ جو اهو عظيم روحاني مرڪز آهي جتي هر وقت فقيرن، عقيدتمندن ۽ زائرين جو وڏو انگ جمع رهندو آهي هتي هر شخص پنهنجي پنهنجي انداز سان حضرت لعل شهباز قلندر سان محبت ۽ جنون جي حد تائين عقيدت ۽ احترام سان سر شار نظر ايندو، ڇو ته لعل شهباز قلندر پنهنجي شاعري ۽ ڪلام ذريعي سموري زندگي الله جي وحدانيت جو درس ڏنو.حضرت لعل شهباز قلندر جي عرس جو افتتاح سنڌ جي گورنر گلن جي چادر چاڙهي ڪيو. انتظاميه طرفان سيڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا آهن.ٽن ڏينهن جي عرس دوران ادبي ڪانفرنس ۽ ملاکڙي جا به مقابلا ٿيندا جڏهن ته عرس جي آخري ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ شخصيتن ۾ ايوارڊ پڻ ورهائيندو.