لاهور : هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف سائفر معاملي تي وفاقي جاچ ايجنسي ايف آءِ اي جي جاچ تي جاري حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو.سائفر جي جاچ لاءِ وفاقي حڪمت جي حڪم امتناع ختم ڪرائڻ جي گڏيل درخواست منظور ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ايف آءِ اي کي سائفر جي معاملي تي جاچ جي اجازت ملي وئي آهي.جسٽس علي باقر نجفي وفاقي حڪومت کي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سائفر جاچ تي جاري حڪم امتناع واپس وٺي ڇڏيو.ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير جي خط يا سائفر کي بي بنياد بنائي پنهنجي حڪومت خلاف سازش جو بيانيو ٺاهيو هو.سائفر بابت عمران خان ۽ ان جي اڳوڻي سيڪريٽري اعظم خان جي آڊيو ليڪ سامهون آئي هئي جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينه انهي معاملي جي جاچ ايف آءِ اي جي حوالي ڪئي هئي.ايف آءِ اي جاچ جي سلسلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي طلب ڪيو هو جنهن جي خلاف هن لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪندي حڪم امتناع حاصل ڪري ورتو هو. وفاقي حڪومت حڪم امتناع ختم ڪرائڻ جي گڏيل درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي جنهن کي اڄ منظور ڪيو ويو آهي.