خيبرپختونخواهه ۾ ٻن ڏينهن دوران چوماسي جي برسات ۽ مختلف حادثن دوران فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن ڪي پي ڪي ۾ 2 ڏينهن دوران تيز طوفاني برسات سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته تيز طوفاني برسات سبب مختلف حادثن ۾ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن صوبي ۾ برساتن دوران ٻوڏ وهڪرن سبب 53 جانور به مري ويا. 14 گهر مڪمل طور تي تباهه جڏهن ته 103 کي جزوي نقصان پهتو آهي بلوچستان ۾ به چوماسي جي برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي. بلوچستان کي سنڌ ۽ پنجاب سان ملائيندڙ روڊن سميت مختلف هنڌن تي روڊ اڃان تائين بند آهن زوب ۾ ٻوڏ پاڻي وهندڙ 3 ڄڻن کي زنده بچايو ويو آهي خضدار قومي شاهراهه ونگو وارو هنڌ گذريل 8 ڏينهن کان بند آهي. پنجاب ۽ سنڌ کي ملائيندڙ قومي شاهراهه پنجره پل واري هنڌ کي به عارضي طور تي تعمير ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ گذريل ڏينهن جي برسات سبب ٻوڏ وهڪرن عارضي طور تيار ڪيل پل کي ٻوڙي ڇڏيوڪوهلو، سبي، برنائي، سنجاوي ۽ گنداهه واهه، نوتال، روڊ اڃان تائين بند آهن. شهرين مطالبو ڪيو آهي ته قومي شاهراهه کي جلد کان جلد بحال ڪيو وڃي. پي ڊي ايم اي اختيارين موجب زوب ۾ ٻوڏ وهڪرن ۾ ٻڏندڙ 3 ڄڻن کي ريسڪيو ڪيو ويو برساتن سبب هينئر تائين 115 گهرن کي مڪمل جڏهن ته 258 گهرن کي جزوي نقصان پهتو. فوت ٿي ويلن جو انگ 10 آهي. جڏهن ته 13 زخمي ٿي چڪا آهن.