رمضان المبارڪ لاءِ غريبن کي مفت اٽو ڪيئن ۽ ڪڏهن ملندو؟ تياريون مڪمل

لاهور: ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام لاءِ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پيڪيج تيار ڪيو ويو آهي جنهن تحت شروعاتي طور تي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک گهراڻن کي مفت اٽو ورهايو ويندو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ رمضان پيڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب حڪومت طرفان رمضان ۾ مفت اٽي جي ورهاست جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان المبارڪ دوران سموري پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک گهراڻن کي مفت اٽو ورهايو ويندو.وزيراعظم هدايت ڪئي ته مفت اٽي جي ورهاست تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول نه ڪنداسين، اٽي جي ورهاست 8 هزار 5 سئو يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي ڪئي ويندي، عوام جي سهوليت لاءِ اٽي جي ورهاست لاءِ وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس به قائم ڪيا ويندا.وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته مفت اٽي جي ورهاست شفاف طريقي سان يقيني بنائي وڃي، چوري روڪڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته مفت اٽي جي ورهاست 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي، وفاق طرفان ٻين صوبن کي به هن پروگرام ۾ مدد ڪئي ويندي.