ابوظهبي: گڏيل عرب امارتن (يو اَي اِي) ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني جي اچڻ کان ٻه هفتا اڳ ئي سپر مارڪيٽن ضروري شين تي پنجهتر سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گڏيل عرب امارتن جي سڀني رياستن ۾ مختلف قسمن جي ڊيلز ۽ وڏي پيماني تي رعايتون پيش ڪيون ويون آهن.کائڻ پيئڻ جي شين سميت روزاني استعمال جي ٻين شين تي بجچ اسڪيمن مان آن لائن به فائدو وٺي سگهجي ٿو.ان حوالي سان خليجي اخبار موجب خريدار رمضان دوران ڏهه هزار کان مٿي شين تي پنجهتر سيڪڙو تائين رعايت مان فائدو وٺي سگهن ٿا.ٻئي پاسي مختلف ڪمپنين رمضان مهيني ۾ شين جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ذخيرو اندوزي کي پندرهن سيڪڙو تائين وڌائي ڇڏيو آهي.