ساهيوال: بکر کان پوءِ هاڻ ساهيوال ۾ به مفت اٽي جي روهاست دوران بدنظمي سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته 19 جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.ريسڪيو ذريعن موجب ساهيوال جي نوازشريف پارڪ ۾ مفت اٽي جي ورهاست دوران بدنظمي سبب 19 عورتون زخمي ٿي پيون جن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو ذريعن موجب بدنظمي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت به ٿي وئي. ريسڪيو ذريعن موجب ريسڪيو جي 5 کان وڌيڪ گاڏين آپريشن ۾ حصو ورتو.ياد رهي ته هينئر تائين مفت اٽي جي ورهاست دوران ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ بکر ۾ هڪ شهري اٽو وٺڻ جي لاءِ قطار ۾ بيهڻ دوران بدنظمي سبب فوت ٿي ويو هو.