بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان ساٿي اداڪار شاهه رخ خان جي جوان پريوو تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.بالي ووڊ ٻنهي ميگا اسٽارز آخري ڀيرو سڌارٿ آنند جي هن سال جي شروعات ۾ رليز ٿيل جاسوس اسٽوري تي ٻڌل ٿرلر فلم پٺان ۾ گڏ نظر آيا هئا.سلمان خان جو جوان ۾ ڪو ننڍو ڪردار ته ناهي پر ان جي باوجود هن پنهنجي پراڻي ساٿي ۽ دوست لاءِ پسنديدگي تي ٻڌل لفظ ضرور چيا آهن.هن اڱاري تي شاهه رخ خان جي فلم جوان پريوو کي پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو، جنهن ۾ چيو ته هاڻ اسان کي ان قسم جون فلمون رڳو ٿيٽرز تي ڏيکارڻ گھرجن.هن ڪنگ خان کي خاطري ڪرائي ته پٺان جوان بڻجي ويو آهي، آئوٽ اسٽينڊنگ ٽريلر آهي، گھڻو پسند آهيو، مزو اچي ويو، واهه، آئون ته پهرين ئي ڏينهن پهريون شو ڏسندس