ڪنڌرا ڀرسان ڳوٺ واھ ٻرڙا جي باغائن پاران منير احمد ٻرڙو محمد حاڪم ٻرڙو ، نور محمد ٻرڙو ، انيس الرحمن ٻرڙو ، ، صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته گزريل سال وانگر هن سال به اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آھي منڊي جا واپاري ۽ دلال اسان بيکرن سان ناجائزي ڪري رهيا آھن اسان کي سئو روپيه واري ٻوري اڍائي سئو روپيه ۾ وڪرو ڪئي وڃي ٿي ۽ رنگ ڪاٺ جو دٻو چاليھ ھزار وارو ستر هزار ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽائزڊ تور نٿي ڪئي وڃي ۽ اسان کان گھٽ ريٽ تي کارڪون ۽ ڇوهارا خريد ڪيا وڃن ٿا ۽ اسان کان ناجائزي طور تي ٻيڻ ٽيڻ ڪميشن ورتي وڃي ٿي اسان سنڌ حڪومت ڪمشنر سکر ڊي سي سکر کان گھر ڪريون ٿا ته اسان کي سکر منڊي جي وارين ۽ دلالن کان بچايو وڃي اسان کي ساڳي ريٽ تي رنگ ڪاٺ جا دٻا ۽ ٻوريون ڏنيون وڃن نه ته ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو