سنڌ : بلوچستان جي جابلو سلسلي ۾ گذريل چويهه ڪلاڪن دوران تيز برساستن سبب حب ۾ پاڻي جي سطح بلند ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي واپڊا اختيارين موجب، ڇنڇر جي شام حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 329 ڏهائي پنج رڪارڊ ڪئي وئي هئي ڇنڇر جي شام دادوءَ ضلعي جي مختلف علائقن سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ غير معمولي برسات رڪارڊ ڪئي وئي ۽ گذريل رات ئي پاڻي جا وهڪرا حب ڊيم پهچڻ شروع ٿي ويا هئاواپڊا ذريعن موجب، آچر جي منجهند ٻارنهين وڳي حب ڊيم ۾ پاڻي جي سطح اٺ انچ مٿي ٿي چڪي آهي، ڪيئي سئو ڪلوميٽر جي ڪيچمينٽ ايريا کان حب ڊيم ۾ پاڻي اچڻ جو سلسلو جاري آهي ياد رهي ته ڪراچي سان ڳنڍيل بلوچستان جي علائقي حب ۾ موجود حب ڊيم مان ڪراچيءَ جي مختلف علائقن کي پيئڻ ۽ ٻئي استعمال لاءِ جڏهن ته بلوچستان جي مختلف علائقن کي آبپاشي لاءِ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي