ڪراچي: سنڌ جي 15 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي ري پولنگ ۾ 59 مان 46 سيٽن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا سامهون اچي ويا آهن.غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي 39 سيٽون کٽي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي. جڏهن ته 6 سيٽن تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب رهيا.پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي 16 مان 8 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، 2 سيٽون جي ڊي اي ۽ 2 آزاد اميدوارن کٽي ورتيون.غير حتمي، غير سرڪاري پارٽي نتيجن موجب جنرل ميمبر جي ٽوٽل 32 مان 21 سيٽون پ پ حاصل ڪيون. 2 سيٽن تي جي ڊي اي هڪ سيٽ تي ايم ڪيو ايم ۽ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا.ضلعي ڪائونسل جي ٽوٽل 11 مان 6 سيٽن تي پيپلز پارٽي پهرين نمبر تي رهي. ٻن تي جي ڊي اي ۽ هڪ سيٽ آزاد اميدوار جي حصي ۾ آئي. اليڪشن ڪميشن جي اختيارين موجب مڪاني چونڊن جي 13 سيٽن جا نتيجا اڃان رهيل آهن.ياد رهي ته مڪاني چونڊن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر ۽ جنرل ميمبر جي سيٽن تي مقابلو هو، ان تڪن ۾ هنگامي ۽ ڌانڌلي جي الزامن تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون.