سنڌ: و درياءَ ۾ چاڙهه بعد ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

سنڌ:و درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه بعد ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. پاڻي ۾ چاڙهه بعد ڪچي وارن علائقن جو پڪي سان رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي نواب ولي محمد ڀرسان بچل پور ۾ سنڌو درياءُ ۾ چاڙھ بعد ڪچي جو اڪثر علائقو ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي پاڻي ڪچي جي ڪيترن ڳوٺن سائين نور شاهه، انب جوڻيجو، ڪشورپور، عبدالڪريم ڀٽو، ڳوٺ ربنواز ڪلوئي ،ڳوٺ عثمان آباد مهڙ، ۾ ٽڪرائجي ويو آھي ۽ ڪچي سان تعلق رکندڙ ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا پيچرا لنگھ ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويا آھن ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميه اڃان تائين نه پهتي آهي. اسان وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته جلد نوٽيس وٺي ڪچي جي ڳوٺن جي پرگهور ڪن ۽ ڪچي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پوڏ جي پاڻي کان به آگاهه ڪن ته جيئن جاني يا مالي نقصان کان بچي سگهجي نئين گاج جي وهڪري سبب ڇني، جوهي روڊ جي پل جو هڪ پاسو لڙهي ويو. جوهي سان ڇني، ٽنڊورحيم ۽ ٻين يوسيز جو زميني رابطو مڪمل طور تي ڪاٽا ٿي ويو آهي. نئين گاج جي وهڪري سبب بند ٿيل ڪاڇي جا رستا بحال نه ٿي سگهيا آهن. ٻوڏ جي پاڻي داخل ٿيڻ کان سوين ڳوٺن ۾ کاڌ خوراڪ وارين شين جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي هوڏانهن کير ٿر تي طوفاني وسڪارن بعد ڪاڇي جون نيئون تارو تار ٿي ويون آهن