حيدرآباد: ۾ مگسي هائوس تي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ٿيو.
اجلاس ۾ سڄي سنڌ مان پارٽي جي ڊويزن ۽ ضلعن جي صدرن، جنرل سيڪريٽري سميت پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تنظيمي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف فيصلا ڪيا ويا.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي اندر سياسي معاشي بحرانن جو واحد حل ملڪ جي سمورن ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ ۾ آهي. حڪمران عوام مٿان ٽيڪس جا بار وجهڻ جي بدران عوام دوست معاشي پلان جوڙين ۽ پنهنجا شاهاڻا خرچ گهٽائين.هڪ پاسي مھانگائي سبب مسڪين عوام ماني جي گراهه لاءِ پريشان آهي ته ٻي پاسي حڪومت ۽ ڪامورن جا سرڪاري خرچن بادشاهي زندگيون گذارين پيا.هن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ بک بدحالي بيروزگاري جي ذميوار پ پ حڪومت جيڪا مسلسل اقتدار ۾ هوندي به سنڌ جي ماڻهن کي ڪو رليف ناهي ڏهي سگهي.سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم آهي، سنڌ جا مٿيان ضلعا نوگو ايريا بڻيل آهي. ڌاڙيل راڄ کي حڪمرانن جي سرپرستي وڏيرا سردار ۽ جاگيردارن جو مڪمل ساٿ آهي.ڌارِيلن سبب ڪچي جا جيڪا علائقا نوگو ايريا بڻيل آهن، اتان اليڪشن مان ڪوڙا ٺپا هڻي پولنگن جون پولنگون کٽيندڙ انهن ڌاڙيلن کي پالي رهيا آهن.سنڌ اندر هڪ منظم سازش سان ڌارين آبادڪاري کي آباد ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اندر منشيات فروشي ۽ ڏوهن ۾ ڌارين آبادڪاري ملوث آهي.اجلاس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو ، حيدر شاھاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.