سينيٽ: ۾ قانون سازي لاءِ رڪارڊ بل منظور ڪيا ويا

اسلام آباد : سينيٽ ۾ قانون سازي جا رڪارڊ بل منظور ڪيا ويا، سينيٽر رضارباني، طاهر بنجو ۽ ڪامران مرتضيٰ ڪائونٽر فنانسنگ اٿارٽي قائم ڪرڻ واري بل جي مخالفت ڪئي تفصيل موجب سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڪائونٽر فنانسنگ اٿارٽي جي قيام جي بل جي منظوري ڏني وئي هن بل تي اڄ سينيٽ ۾ ووٽنگ ٿي، ان جي مخالفت ۾ 9 ۽ حق ۾ 28 ووٽ پيا ان کان علاوه گئس چوري ڪنٽرول ۽ وصولي ترميمي بل، ٽريڊ مارڪ ترميمي بل، ٽريڊ مارڪ ترميمي بل، پاڪستان رويت هلال بل ۽ اميگريشن ترميمي بل منظور ڪيا وياسينيٽ جي اجلاس ۾ حج عمره ريگيوليشن بل 2024ع جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عرفان صديقي ايڇ اي سي ترميمي بل جي رپورٽ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ورتي اجلاس ۾ ترميمي بل پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڪارپوريشن ترميمي بل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.