اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ تي جسٽس مظاهر جي پٽن وڪيل ميان دائود کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ميان دائود 15 ڏينهن ۾ معافي گهري ۽ پنهنجي الزامن جي ترديد ڪري. ميان دائود جسٽس مظاهر نقوي جي ساک کي مجروح ڪيو. معافي نه گهرڻ تي ميان دائود قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهي.ياد رهي ته وڪيل ميان دائود جسٽس مظاهر خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ جسٽس مظاهر ۽ ان جي گهر ڀاتين جي ملڪيتن جي جاچ ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.قانوني نوٽيس تي رد عمل ڏيندي وڪيل ميان دائود چيو آهي ته قانوني نوٽيس جو جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو مشاورت کان پوءِ ڪندس. قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڌمڪين جي سامهون نه جهڪندس. قانوني نوٽيس پٺيان لڪڻ بجاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ جواب جمع ڪرائيندس.