سپريم ڪورٽ کي آڊيو ٽيپس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئيني ادارو آهي جنهن کي آڊيو ٽيپس ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي. آئيني ادارن کي بدنام ڪندڙ انهن آڊيو ٽيپس جي ڪابه اهميت نه آهي.اڳوڻي سي سي پي او لاهور غلام محمد ڊوگر جي بدلي واري ڪيس ۾ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان صبر کان ڪم وٺي آئيني اداري جو تحفظ ڪنداسين. آئيني ادارن کي پنهنجن فيصلن ۾ تحفظ ڏنو آهي. عدليه تي به حملا ٿي رهيا آهن. عدليه جو به تحفظ ڪنداسين.چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي جنهن کي تحفظ فراهم ڪنداسين. جمهوري عمل شفاف ٿيڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن کي آئين تحت اختيارات حاصل آهن پر جيڪڏهن شفاف چونڊن ۾ بدنيتي ٿي ته مداخلت ڪنداسين.چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مختلف وقتن تي سپريم ڪورٽ جي ڳالهين کي غلط سمجهيو ويندو آهي. اسان اهو ناهي چيو ته اڄ تائين صرف هڪ ئي ايماندار وزيراعظم آيو پر هڪ ڪيس ۾ چيو ويو ته 1988ع ۾ هڪ ايماندار وزيراعظم هو، اسان جي اهڙي ڳالهه کي پارليامينٽ غلط سمجهو.وڪيل عابد زبيري چيو ته مون غلام محمد ڊوگر جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي. بدلي خلاف غلام محمد ڊوگر جي اپيل واپس وٺان ٿو جنهن تي سپريم ڪورٽ غلام محمد ڊوگر جي بدلي خلاف اپيل واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان بيورو ڪريسي ۾ بدلين جي منظوري کان پوءِ هونئن به معاملو غير موثر ٿي چڪو آهي. سمورين سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ برابر جو موقعو ملڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن کي نگران حڪومت کي بدلين جو کليل اختيار نه ڏيڻ گهرجي.