سکر:تنظيم فڪرونظرسنڌ جي زير انتظام سنڌ اسلامڪ سينٽر فڪرونظر هاء اسڪول سکر ۾ يوم پاڪستان جي تقريب زير صدارت پروفيسر اصغرمجاهد مهر ٿي گذري هن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته 23 مارچ 1940جو ڏينهن اسان جو تاريخ ساز ڏينهن آهي

سکر:تنظيم فڪرونظرسنڌ جي زير انتظام سنڌ اسلامڪ سينٽر فڪرونظر هاء اسڪول سکر ۾ يوم پاڪستان جي تقريب زير صدارت پروفيسر اصغرمجاهد مهر ٿي گذري هن پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته 23 مارچ 1940جو ڏينهن اسان جو تاريخ ساز ڏينهن آهي جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن گڏيل طورتي منٽو پارڪ لاهور ۾ قائد اعظم محمدعلي جناح جي ولوله انگيز قيادت ۾ پاڪستان جي قيام جي سلسلي قرارداد منظور ڪئي ان اسٽيج تي سنڌ مسلم ليگ جو صدر جي ايم سيد محمد ايوب کهڙو ۽شيخ عبدالمجيد سنڌي پهرين صف ۾ ويٺل هئا ان قرارداد پاس ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سنڌ جي مسلمانن جو وڏو اهم تاريخي ڪردار هو ايتري قدر جو سائين جي ايم سيد3مارچ 1943۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرائي جيڪا پاڪستان جي قيام لاء پيڙھ جو پٿر ثابت ٿي تاريخي طور تي پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾ سنڌ جي مسلمانن جي جدوجهد جي ايم سيد جي سربراهي ۾ جاري وساري رهي ان ڳالھين مان ثابت ٿيو ته پاڪستان کي قائم ڪرڻ جو سمورو سهرو سنڌين تي آهي پنجاب سرحد ۽ بلوچستان جو پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ لاء وڏي ۽ڏاڍي محنت ڪرڻي پئي هئي جنهن ۾ بلوچ رهنما قاضي فائز عيسي اڪبر بگٽي ٻين بلوچن جون محنتون ۽ڪوششون شامل هيون سنڌ واحد صوبو ھو جيڪو خود پاڪستان جي قيام لاء ڪوششن سان گڏ لازوال قربانيون ڏنيون لکن پناهگيرن کي پناه ڏني زرعي زمينون ڏنيون ۽سنڌ جا وڏا وڏا شهر حوالي ڪري ڇڏيا هندو سنڌي وڏا خوشحال هئا جن جون اربن ۽کربن جون سنڌ جي شهرن ۾ ملڪيتون ۽بلڊنگون هيون جيڪي لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا اها سنڌ جي مسلمانن جي بد قسمتي هئي جو هم وطن ۽هم زبان سنڌ کان جدا ٿي ويا هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ گهرجي ها سنڌ جا مسلمان ذاتي طور هندن جا مخالف نه هئا پر مذهبي طور تي ٿورا گهڻا اختلاف هئا ان کي به حل ڪري پئي سگهيا ڇو ته هتي هندن کي هندو ٿي رھڻ گهربو هو ۽مسلمان کي مسلمان ٿي رهڻ سان ڪوبه نقصان نه هو چيرمين تنظيم فضل الله مهيسر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان جو قيام ٻن قومن ۽نظرين جي بنياد تي ٿيو هوجو ڪانگريس جو رويو مسلمانن لاء سخت متعصباڻو هو جنهن جي ڪري ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن سوچيو ته هندو ۽مسلمان هڪ ٻئي سان گڏ رهي نه ٿا سگهن جو انهن جي مذهب ۽تهذيب وتمدن ۾ فرق آهي ان ڪري انهن ننڍي کنڊ مسلمانن جي لاء هڪ جدا ملڪ جي گهر ڪري ڏني قائداعظم پڻ انهن خيالن سان اتفاق ڪندي پاڪستان جي قيام لاء ڪوششون ڪندي ڪامياب ٿي ويو حافظ فتح محمد مهيسر چيوته سنڌ جا مسلمان هندن ۽ڪانگريس جي روين ۽اڪثريت جي ڪري حڪومت ڪرڻ واري عمل جي نتيجي ۾ سمجهي ويا ته هندو اسان کان سون سالن جو انتقام وٺندا اسان کي پنهنجي دين تي هلڻ نه ڏيندا ان ڪري مسلمانن کي پنهنجي آزادي سان پنهجي دين تي هلڻ اسلامي روايتن ۽ريتن تي آزاد مرضي سان رھڻ لاء هڪ جدا ملڪ گهرجي مير مشتاق علي لنڊ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مسلمانن سمجهيو ته اسان کي هڪ نظرياتي اسلامي رياست جي ضررت آهي جتي آزادي سان پنهنجو ديني اسلامي طريقي سان رهي سگهون ڇوته ڪانگريس هڪ متعصب جماعت آهي جيڪا گڏيل هندستان جي صورت ۾ هندن جي اڪثريت ۽جمهوريت سبب حڪومت انهن جي هوندي جيڪا مسلمانن کي دين تي رھڻ ۾ رڪاوٽون وجهندي ان ڪري مسلمانن سمجهي ڇڏيو ته اسان کي پنهنجو هڪ جدا ملڪ گهرجي مسلم ليگ پليٽ فارم تي ۽قائد اعظم جي قيادت پاڪستان جي قيام لاء عملي جدوجهد ڪري پاڪستان قائم ڪيو پروفيسر محمدابراهيم مهر چيو ته پاڪستان جو قيام مسلمانن جو نظريو هو ته اسان هرلحاظ کان جدا دين قوم تهذيب ۽تمدن رکون ٿا اسان هندن جي غلاميهر گز قبول نه ٿا ڪري سگهون ان ڪري مسلم ليگ ۽قائد اعظم جي سڏ تي ننڍي کنڊ جا مسلمان يڪ راء ٿي پاڪستان جي قيام لاء جدوجهد ۾ شريڪ ٿي پاڪستان دنيا جي تختي تي قائم ڪري ڏيکاريو هاڻي پاڪستان هڪ اسلامي ايٽمي سپر پاور طاقت آهي جيڪا عالم اسلام جو تحفظ به ڪري سگهي ٿي ميڊم شاهده پروين ۽مير محمد مهيسر پڻ خطاب ڪيو۔