سکر:جيل پوليس ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،

سکر:جيل پوليس ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن سان تعلق رکندڙ نوجوانن سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي عرفان ڪلهوڙو، عبدالصمد گڏاڻي، شڪيل جوڻيجو، ديدار ڀيو، الهڏنو جوڻيجو، ظفر جسڪاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جيل پوليس ٽيسٽ ۾ 70 ۽ 80 کان وڌيڪ مارڪون کنيون پر اڃا تائين اسان کي آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا، جڏهن ته 40 مارڪون حاصل ڪندڙن کي سفارش ۽ رشوت جا آفر آرڊر ڏنا ويا آهن، ايتري قدر جو وڏي عمر وارن کي به ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيل پوليس ۾ ميرٽ جون ڌچيون اڏايون ويون آهن، وزيرن جي مائٽن کي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، هنن وزير اعظم، سنڌ جي وڏي وزير، آئي جي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو وڃي نته ٻي صورت ۾ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ويندي.