سکر ڊويزن جي گهوٽڪي. خيرپور ۽ سکر ضلعن جي اميدوارن جي درخواست جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ ٻڌڻي ڪئي۔ٻڌڻي دوران جيل عملدار ۽درخواستگزار اميدوار ڪرم علي. علي انور. محمد شعبان. وحيد علي بوزدار. اسد الله چاچڙ۔وڪيل سهيل کوسو۔ وڪيل عبدالستار شر ۽ سندر چاچڙ عدالت ۾ پيش ٿيا۔پٽيشنرن جي وڪيلن عدالت ۾ دليل ڏيندي عدالت کي استدعا ڪئي ته جيل کاتي ۾ اهلڪارن جي ڀرتي لاء سال 2022 ۾ ورتل ٽيسٽ ۾ 40 کان مٿي سٺي نمبرن تي مارڪون کنيون ويون آهن ان باوجود زباني امتحان ۾ ڄاڻي واڻي فيل ڪيو ويو آهي جن اميدوارن 40 کان گهٽ مارڪون کنيون انهن کي زباني امتحان ۾ پاس ڪري ڀرتي ڪيو ويو آهي۔جنهن بعد عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوء استدعا منظور ڪندي عدالت جيل کاتي سنڌ اندر تازو ٿيل ڀرتيون روڪيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ۔ان ڏس ۾ عدالتي احاطي ٻاهران درخواستگزاراميدوارن جي وڪيلن وڪيل سهيل کوسو۔وڪيل عبدالستار شر ۽ وڪيل سندر چاچڙ اميدوارن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آھي ته قابل احترام جج صاحبان اسان جي درخواست کي ٻڌو جنهن بعد عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آھي۔