سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران خيرپور ضلعي جي يوسي ڪنڊياري جي محرم علي پولنگ اسٽيشن جو رڪيل رزلٽ پڌرو ڪرڻ لاء چئرمين جي اميدوار فيض محمد ٻانڀڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار غلام نبي شهباز راڄپر جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن. رٽرننگ آفيسر ۽ لاڳاپيل ڌرين کي 22 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي

سکر:سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ پاران خيرپور ضلعي جي يوسي ڪنڊياري جي محرم علي پولنگ اسٽيشن جو رڪيل رزلٽ پڌرو ڪرڻ لاء چئرمين جي اميدوار فيض محمد ٻانڀڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار غلام نبي شهباز راڄپر جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن. رٽرننگ آفيسر ۽ لاڳاپيل ڌرين کي 22 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي۔ان سلسلي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ پ پ ايم پي اي جي ڀاء آصف ٻانڀڻ سامهون اليڪشن ۾ بيٺل  اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندڙ  جي ڊي اي جي يوسي چئرمين اميدوار فيض محمد ٻانڀڻ ۽ غلام نبي شهباز راڄپر سنڌ هائي ڪورٽ سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آھي ته چونڊ نتيجا روڪڻ واري عمل خلاف سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ درخواست داخل ڪرائي آھي جنهن کي منظور ڪندي ڌرين 22 مارچ طلب ڪيو آھي عدالت کي  درخواست ڪئي آهي ته پولنگ اسٽيشن محرم علي جو رڪيل ووٽن جو رزلٽ جاري ڪرائڻ بابت استدعا ڪئي آهي۔ چئرمين اميدوار فيض محمد ٻانڀڻ ۽ غلام نبي شهباز راڄپر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي هاڻي ڄاڻ پئي آهي ته پولنگ اسٽيشن تي ٻيهر 26 مارچ تي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پولنگ اسٽيشن محرم علي تي چونڊ ڪرائي پئي ته اليڪشن رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي