سکر:ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن پاران پگهارن مان ڪٽوتي ۽ پگهار نه ملڻ خلاف سوين ملازمن ضلعي ڪائونسل هال ٻاهران يونين اڳواڻ عبدامجيس جسڪاڻي۔

سکر:ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن پاران پگهارن مان ڪٽوتي ۽ پگهار نه ملڻ خلاف سوين ملازمن ضلعي ڪائونسل هال ٻاهران يونين اڳواڻ عبدامجيس جسڪاڻي۔طارق سولنگي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو هڻي ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي سنڌ ضلعي ڪائونسل امپلائيز ليبر يونين ضلعي سکر جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي۔طارق سولنگي۔شاهنواز ڪانڌڙو۔مشاهدحسين پلھ۔عبدالله۔جميل احمد دايو۔مظفر جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سينئراڪائونٽ آفيسر سيد فرحاد حسين شاھ هڪ سئوکان وڌيڪ ريگولرايندڙ ملازمن جو 10 هزار کان 20هزار روپيا پگهارن مان ناجائز ڪٽوتي ڪري پيو جڏهن تهگزريل مهيني جي پگهار به ناهي ملي سگهي سينيئر اڪائونٽ آفيسر ۽ ايڊمنسٽريٽر اعجاز پلھ ملي ڀڳت ڪري ضلعي ڪائونسل جي ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪري ملازمن جا پئسا هڙپ ڪرڻ چاهن ٿا جيسي تائين اسانجي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيندا پر امن احتجاج جاري رهندو اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سينيئر اڪائونٽ آفيسرپاڻ کي ايترو ته بااختيار سمجهي ٿو جو هن پگهارون ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آھي ۽ چويٿو ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آھي ڪيوجتي وڻي منهنجي خلاف احتجاج ڪيو ڌرڻا هڻو پري توهان کي حق نه ڏيندس۔مظاهرين اعلان ڪيو ته  جيڪڏهن اسان جي جائز مطالبن تي عمل نه ٿيوته ٻي صورت ۾ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاھ سميت وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ۔ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔سيد اويس قادرشاھ ۽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي بنگلن اڳيان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔