سکر:مطالبن جي مڃتا لاء هائي ويز ملازمن جي وڏي انگ لب مهراڻ کان چيف انجنيئر سکر جي آفيس تائين هائي ويز ايمپلائيز يونين (سي بي اي) سنڌ سکر ريجن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ شامل هائي ويز ملازمن جي هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ بينر هئا جن مٿان مطالبن جي حق ۾ نعرا لکيل هئا ريلي ۾ شامل ملازم جائز حق ڏيو مهانگائي ختم ڪيو جا نعرا پڻ هڻندا رهيا۔چيف انجنيئر آفيس ۾ ياداشت نامو جمع ڪرائيندي هڪ مهيني اندر مسئلا حل ڪرائڻ جو ٽائم ڏنو ويو۔ ان موقعي تي هائي ويز ايمپلائيز يونين (سي بي اي) سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل غلام قادر اهير۔مرڪزي چيئر مين محمد موريل پنهور۔سکر ريجن جنرل سيڪريٽري زاهد حسين لاشاري ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ مظاهرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جا جائز مسئلا حل ناهن ٿيا جنهن سبب حقن جي حاصلات لاء پر امن احتجاج جاري آھي جيسي تائين مطالبن تي عمل نه ٿيندو جدوجهد جاري رهندي اڳواڻن چيوته سنڌ حڪومت کاتي جي سيڪريٽري سميت سينيئر انجنيئرن کي باء پاس ڪندي گريڊ هڪ کان چار تائين جون ننڍيون نوڪريون ملازمن جي اولادن بجاء من پسند ماڻھن کي ڏيڻ لاء ضلعن جي ڊي سيز کي برٿين جااختيار ڏئي هائي ويز کاتي جي ڪامورن کي بي اختيار بڻايو ويو آھي جيڪو عمل ملازمن سان وڏي ناانصافي آھي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي عهديدارن يونين سان لکت ۾ معاهدو ڪيو هو ان تان به فري ويا آھن جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان جي جائز مطالبن برٿين جا اختيار هائي ويز کاتي جي سيڪريٽري سميت سينيئرانجنيئرن حوالي ڪيا وڃن۔ٽائم اسڪيل۔جونيئر ملازمن کي پروموشن ڏيڻ سان گڏ ريٽائرڊ ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي۔هائي ويز ملازمن جي پگهارن ۾اضافو۽ سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ملازمن جيان هائي ويز کاتي جي ملازمن کي به يوٽيلٽي الائونس سميت سکر جي هائي ويز ملازمن سان ڏاڍايون بند ڪيون وڃن جڏهن ته خيرپور ۾ خالي پيلsce جي جاء تي انجنير مقرر ڪري ملازمن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي سي ايم هائوس آڏو ڀرپور احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين۔ريلي ۾ سکر۔لاڙڪاڻو ڊويزن سان تعلق رکندڙ يونين اڳواڻن دلشاد علي۔غلام نبي لاشاري۔اياز حسين اهير۔غلام شبير ڀٽو۔حافظ گل حسن ۽ ٻيا پڻ شامل هئا۔