سرسبز سنڌ جي شجر مهم منگي ويلفيئر سنڌ جي مرڪزي صدر، شهزاد علي منگي پاران وڻڪاري مهم سکر ايئرپورٽ لڳ ڪئي وئي، جنهن دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ نالو ئي سونهن آهي سنڌ ۾ مهمان نواز ماڻهو ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ رهن ٿا، هن مهانگائي جي گهڙي ۾ منگي ويلفيئر جي پوري ٽيم پنهنجي منگي برادري ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر مسڪين ماروئڙن جي ممڪن مدد جو يقين ڏياريون ٿا ۽ انسانيت ناتي هر انسان ڀاءُ آهي چاهي اهو ڪهڙي به رنگ نسل ذات پات يان ڪهڙي به مذهب يان زبان سان تعلق رکندڙ هجي.