سکر:ويلٿ ڊولپمينٽ آرگنائزیشن پاران سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان ٻوڏ متاثر غريب مسڪين ماڻهن ۾ خيما ورھائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ويلٿ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران ٻوڏ متاثرن ۾ خيما ورهائڻ جي تقريب سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ منعقد ڪري سوين متاثر ماڻهن کي خيما ڏنا ويا، ان موقعي تي ڊبليو ڊي او اڳواڻ رياض سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته 300 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ خيما ورهايا ويا آهن، سکر ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل مرد، عورتن ۽ معذور ماڻهن ۾ خيما ورهايا ويا آهن، جڏهن ته ان موقعي تي ضلعي فوڪل پرسن سمندر ڀٽو ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر سکر جي حڪم تحت متاثرن ۾ خيما، راشن ۽ ٻيو سامان ورهايو پيو وڃي. ۽ متاثر خاندانن ۾ بنا ڪنهن فرق جي انهن جي مدد ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف امدادي سامان وصول ڪندڙ شهري فرمان ميراڻي جو چوڻ هو ته پيل برساتن ۽ سيلاب سبب جڳهون ڪري پيون آهن جنهن سبب اسان هن وقت بي گهر ٿي ويا آهيون، اسان غريبن کي خيما ملڻ سان عارضي ڇت ملي وئي آهي.