سکر:پسند جي شادي ڪندڙ رينجرز اهلڪار ۽ سندس زال جي قتل ڪيس ۾ 8 جوابدارن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي

سکر:پسند جي شادي ڪندڙ رينجرز اهلڪار ۽ سندس زال جي قتل ڪيس ۾ 8 جوابدارن خلاف بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل۔تفصيل موجب سکر ۾ پسند جي شادي ڪندڙ رينجرز اهلڪار ۽ سندس زال جي قتل جو ڪيس سکر جي بي سيڪشن پوليس ٿاڻي تي هڪ عورت سميت 8 جوابدارن خلاف اي ايس آء احسان شيخ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾هڪ عورت سميت 6 ناليوار ۽ 2 اڻڄاتل ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن رينجرز اهلڪار علي اڪبر سولنگي ۽ سندس گهرواري زينت گڏاڻي کي بندر روڊ تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، زينت گڏاڻي۽ رينجرز اهلڪار علي اڪبر سولنگي  2022ع ۾ عدالت جي اجازت سان شادي ڪئي هئي، نامزد جوابدارن هٿيارن جو استعمال ڪري جوڙي کي قتل ڪيو.