سکر :پنو عاقل هاري مزدور ويلفيئر جي سڏ تي پنو عاقل سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڌندڙ بدامني، جوا، منشيات جي کلي عام وڪري خلاف سکر پريس ڪلب آڏو شهرين غلام محمد، اربيلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو احتجاج ۾ شامل.مظاهرين ڄاڻايل عمل خلاف نعري بازي ڪندي چيو ته پوليس جي بي ڌياني سبب پنو عاقل ۽ ٻيا علائقا ڏوهن جو ڳڙهه بڻجي ويا آهن، شڪايتن باوجود ڪو به عمل نه پيو ٿئي جنهن ڪري عام زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، هنن اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته جوا ۔آڪڙا پرچي ۔منشيات فروشن خلاف پوليس ڪارروائي ڪرائي سماجي براين جو خاتمو آندو وڃي.