سکر:ڪنڌرا لڳ ٽرڪ جو اٺ گاڏي کي ٽڪر اٺ گاڏو هلائيندڙ اسدالله پلھ فوت۔ٻه هڪ زخمي۔اسپتال داخل۔ٺڪرلڳڻ سبب اٺ به مري ويو۔پوليس واقعي واري هند پهچي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو۔تفصيل موجب ڪنڌرا لڳ ڳوٺ باغ بچراھ اسٽاپ ڀرسان ٽرڪ جو اٺ گاڏي کي پٺيان زوردار ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ اٺ گاڏو هلائيندڙ پورهيت اسدالله پلھ فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيا واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو جڏهن ته ٽڪر لڳڻ سبب اٺ به مري ويو ۽ گاڏو به ختم ٿي ويو۔ فوتي اسد الله پلھ ڪنڌرا ڀرسان درگاه تارڪي طريل جو رهواسي هو ٻچن جي گذرسفر لاء اٺ گاڏي ته مزدوري ڪندو هو۔ فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته زخمي عبدالغفار ابڙي کي ٺري ميرواه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي۔ڪنڌرا پوليس ٽرڪ کي قبضي وٺي ڇڏيو۔