سکر: آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

سکر: آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو، مير عرفان رند، عبدالرحمان جمالي، لياقت باجڪاڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي 300 سيڪڙو وڌي وئي آهي، ننڍن ملازمن لاءِ گهر هلائڻ مشڪل ٿي ويو آهي، 30 هزار ماهوار پگهاردار ملازم بک ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، مهانگائي جي حساب سان اسان جي پگهارن ۾ 200 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت باقي صوبن ۾ ملازمن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا ويا آهن جڏهن ته سنڌ جي ملازمن کي هيلٿ ڪارڊ نٿا ڏنا وڃن، هنن وزير اعلي سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري ايريگيشن ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي الائونس، عيد الائونسز سميت ٻيا مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ عيد کانپوءِ ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻبو.