سکر : اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي عملدارن پاران رمضان شريف جي رحمتن برڪتن واري مهيني به رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، عيد خرچي نه ڏيندڙ شهرين جي لائين ڪاٽا ڪري روزيدارن جا گرمي ۾ لاهه ڪڍي ڇڏيا سيپڪو جي ستايل شهرين جون ميڊيا آڏو داهون تدارڪ جي گهر ڪئي آهي،

سکر : اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي عملدارن پاران رمضان شريف جي رحمتن برڪتن واري مهيني به رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، عيد خرچي نه ڏيندڙ شهرين جي لائين ڪاٽا ڪري روزيدارن جا گرمي ۾ لاهه ڪڍي ڇڏيا سيپڪو جي ستايل شهرين جون ميڊيا آڏو داهون تدارڪ جي گهر ڪئي آهي، تفصيل موجب، سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي آفيسرن ۽ هيٺين ملازمن پاران رمضان شريف جي ڀلاري مهيني جي شروعات ۾ ئي عيد خرچي اوڳاڙي ڪرڻ لڳا، جڏهن ته رشوت نه ڏيندڙ شهرين کي ڊڊيڪش بل ڏيڻ سميت مختلف هربا هلائي لائين ڪاٽا ڪري رشوت ڏيڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو،جنهن ڪري ڪيترائي شهري بجلي جا بل ڀرڻ بغير ئي رشوت ڏئي لائين بحال ڪرائي بجلي استعمال ڪري رهيا آهن، سيپڪو عملدارن جي رشوت خوري سبب سيپڪو جي راشي آفيسرن ۽ هيٺين ملازمن جا کيسا ته لکين رپين سان ڀرجن ٿا ۽ انهن جا گهر محلات سان ٺهيل آهن ان ڪرپٽ عملدارن جا نيب طور انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ حڪومت پاڪستان کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائي رهيا آهن، سکر ۾ سيپڪو جي ستايل شهرين ميڊيا آڏو داهون ڪندي چيو آهي ته سيپڪو جا راشي عملدار لائين لاسز پورا ڪرڻ لاءِ رمضان شريف ۾ به شمس آباد فيڊر سميت سڄي سکر ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن هن چيو ته سيپڪو سب ڊويزن 4 شمس آباد ۾ مقرر ايس ڊي او اسرار باجڪاڻي، لائين سپريڊينٽ فرحان ماڪو،لائين اسسٽنٽ سپريڊينٽ مقصد علي ڀٽي،لائين مين احمد علي ۽ ٻيا بل ڀريندڙ شهرين کي بلا جواز تنگ ڪري رشوت وصول ڪري رهيا آهن جنهنڪري روزن واري ڀلاري مهيني ۾ به سخت پريشان آهيون، هنن وابڊا جي وفاقي وزير سميت سيپڪو چيف کي اپيل ڪئي ته سکر ۾ مقرر سيپڪو جي راشي ۽ ڪرپٽ عملدارن کي هٽائي سکر جي عوام جون پريشانيون ختم ڪيو وڃن…..