سکر : انساني حقن ۽ معذور ماڻھن جي ڀلائي لاء ڪم ڪندڙ اداري دي لائيف چيجنگ فائونڊيشن پاران هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي تعاون سان “نسلي تعصب جي خاتمي” جي عنوان هيٺ سچل آڊيٽوريم حال خيرپور ۾ اورنيس سيمينار منقعد ڪيو ويو جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي هيا

سکر : انساني حقن ۽ معذور ماڻھن جي ڀلائي لاء ڪم ڪندڙ اداري دي لائيف چيجنگ فائونڊيشن پاران هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي تعاون سان “نسلي تعصب جي خاتمي” جي عنوان هيٺ سچل آڊيٽوريم حال خيرپور ۾ اورنيس سيمينار منقعد ڪيو ويو جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي هيا خاص مهمانن ۾ سيد سرڪار حسين شاھ. پروفيسر نويد شيخ. ميڊم حنا شاھ. سجاد پيرزاده. عرض محمد جانوري هيا ان موقعي تي اي ڊي سي ٽو ظفر عباس عباسي هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سجاد احمد پيرزاده پروفيسر امير علي چانڊيو پروفيسر نويد شيخ ايڊوڪيٽ منظور لاڙڪ سماجي اڳواڻ عرض محمد جانوري ميڊم سيده حنا شاھ لعل ڏنو خاصخيلي عبدالسميع ڀنڀرو پروفيسر عنايت ڀٽي ايڊوڪيت سجاد سولنگي خطاب ڪندي چيو ته ايم آر ڊي تحريڪ هلي ختم به ٿي وئي جيڪا تمام وڏي هئي ان جو وڏو ڪردار هيو پاڪستان ۾ نسل پرستي تمام وڌندي پئي وڃي جيڪا هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ذات پرستي نه هجڻ گهرجي هاڻي چينج آهي هاڻي اسان ترقي واري پاسي ڏي پيو وڃي ڪو ڪولهي هجين ها ميگھواڙ هجي ها ڪو ڀيل هجي هان اسان نسل پرستي ۾ وٺجي ويا آهيون ڇا اهي انسان ناهن جو انهن کي گهرائجي اسان کي محبت ڏيڻي آهي اڄ اسان وٽ رنگ نسل پرستي وڌنڌي پئي وڃي جي اڇي رنگ واري ذهنيت ختم ٿيڻ گهرجي اسان وٽ سئيپر هجي هان ان کي به وٺي اچو هان 75 سال ٿي ويا آهن اسان جي رسول ﷺ جن پاڻ چيو ته ڪاري کي گوري تي گوري کي ڪاري تي فوڪيت ناهي نسل پرستي کي ختم ڪرڻ لاء هڪ قانون پاس ڪيو ته نسل پرستي کي ختم ڪرڻ گهرجي سڀ ماڻهو مسلمان هجي هندو هجي ميگھواڙ هجي سڀ انسان برابر آهن الله جو قانون آهي سڀ انسان برابر آهي انگريزن اهو قانون پاس نه ڪيو اهو ته رسول ﷺ جن جي دور جو پاس ٿيل آهي اسان کي پنهنجي دين تي فوڪس ڪرڻو آهي انساني حقوق پنهنجا پورا ڪري اسان الله جي راھ تي هلڻو آهي جڏهن ته دي لائيف چيجنگ فائونڊيشن پاران اي ڊي سي ٽو ظفر عباس عباسي سيد سرڪار حسين شاھ ڊاڪٽر نويد شيخ سجاد احمد پيرزاده اياز حسين سهتو کي شيلڊ ڏنا ويا جڏهن ته رياض ابڙو وحيد ناريجو امتياز شيخ صدام سھتو عامر سهتو فياض ڀٽو حبيب الله شنباڻي عاقل سولنگي اظهر حسين ابڙو انيس مڱڻيجو فرحان سولنگي ساگر عباس گلبهار سولنگي مونا شاھ مدثر سهتو قرت آلين شاڪر سولنگي راجا اويس نوحاڻي شاهد مگسي نصراللہ ميتلو عمير جويو آصف ابڙو کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا