سکر: جهانگڙو ٿاڻي جي حد روهڙي بائي پاس نيشنل هائيوي تي هائيوي اٿارٽي پاران قائم ڪيل ڪانٽي جي ڏنڊا بردار ملازمن پيارو واھ چوڪ منان هوٽل تي ويٺل ٻن ٽرڪ ڊرائيورن کي ڪانٽو نه ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ هلان ڪري ڏنڊن جي ڦيهه ڏئي رتورت ڪري ڇڏيو،

سکر: جهانگڙو ٿاڻي جي حد روهڙي بائي پاس نيشنل هائيوي تي هائيوي اٿارٽي پاران قائم ڪيل ڪانٽي جي ڏنڊا بردار ملازمن پيارو واھ چوڪ منان هوٽل تي ويٺل ٻن ٽرڪ ڊرائيورن کي ڪانٽو نه ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ هلان ڪري ڏنڊن جي ڦيهه ڏئي رتورت ڪري ڇڏيو، جڏهن متاثر ڊرائيورن رسول خان پٺاڻ ۽ باست خان پٺاڻ قومي شاهراهه تي احتجاج طور ٽرڪ بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب نيشنل هاءِ وي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ٿي ويو، پنجاب کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان پشاور تائين ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ان دوران احتجاج ڪندڙ ڊرائيورن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ملڪ اندر ڪيترائي سرڪاري ڪانٽا بند هجڻ باوجود روهڙي ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي پاران قائم ڪيل ڪانٽو هڪ سياسي ڀوتار ميمبر صوبائي اسيمبلي جي آشيرواد تي هلندڙ آهي جتي سدائين ڏنڊا بردار پرائيويٽ ملازم روڊ تي ڏنڊا کڻي بيٺل هوندا آهن، زبردستي سان ڏنڊي جي زور تي ڪانٽو ڪرائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، نه بيهندڙ گاڏين کي ڏنڊا هڻي انهن جا شيشا ڀڃي ڇڏين ٿا، لائين تي هلندڙ سڀني گاڏين جا ڊرائيور پريشان آهن، هنن چيو ته اسان جي گاڏي ۾ لوڊ ئي نه هو ان ڪري ڪانٽو نه ڪرايون، جنهن بعد اسان منان هوٽل تي ويٺا هئا سي ته ڏنڊا بردار ڪانٽي ملازم پيڇو ڪري پهتا ۽ حملو ڪري ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو آهي، جيڪا غنڊا گردي آهي اهڙن غنڊن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي منڊو ديرو پهچي ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ڪانٽي جي ملازمن سان ڳالهيون ڪري ڪانٽي جي ملازمن کي ڏوهي قرار ڏنو ۽ ٽرڪ ڊرائيورن کان معافي وٺرائي معاملي کي لئي مٽي ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو، ڌرڻي سبب ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رهي،