سکر :جيڪب آباد جي رهواسي احسان ميمڻ ولد غلام نبي ميمڻ حڪومت ۽ سرندي وارن کي علاج ڪرائڻ ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي ان سلسلي ۾ متاثر شخص سکر پريس ڪلب پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو آھي ته هو گذريل ڪيترن ئي سالن کان جگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، ڊاڪٽرن کيس ليور ٽرانسپلانٽ جو مشورو ڏنو آهي، پر مون وٽ علاج جي خرچ لاء ايتري رقم ناهي جو علاج ڪرائي سگهان متاثر شخص حڪومت سميت سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس حياتي بچائڻ لاء ڪردار ادا ڪندي علاج ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ته جيئن هو صحتياب ٿي پنهنجي گهر جو سهارو بڻجي سگهي.