سکر : جي اي ٽي سي ۾ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي، تفصيل موجب جي يو آء اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمد سومرو قتل ڪيس سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي سکر جي سينٽرل جيل سائيڊ قائم اي ٽي سي روم ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ فريادي ڌر جو طارق سومرو، وڪيل اطهر عباس سولنگي،پراسڪيوٽر عبدالحليم قريشي سميت مولانا محمد صالح انڙ، حافظ عبدالحميد مهر پيش ٿيا. جوابدار ڌر جو وڪيل پيش ٿيو جنهن عدالت کي استدعا ڪئي ته پرائيويٽ شاهدن جا وڌيڪ بيان ريڪارڊ ڪيا وڃن عدالت جوابدا ڌر جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي الڳ درخواست عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته 9 سال اڳ جي يو آءِ اڳواڻ اڳوڻو سينيٽر علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو عدالت ۾ پيش ٿيو هو. شهيد خالد محمود سومرو قتل ڪيس گذريل 9 سالن کان سينٽرل جيل سکر اندر اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.