سکر :جي علائقي نيو پنڊ اسلام ڪالوني جي رهواسي مردن ۽ عورتن پاران مقتولا زرينا ميراڻي جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي محرم علي ميراڻي۔غلام محمد۔مسمات زڪيا۔رابعا ميراڻي ٻين جو اسان پنهنجي گهوٽ سرفراز جي ڄڃ کڻي نئون پنڊ کان شمس آباد بروهي محلي پهتاسين ته بروهي محلي جي رهواسين جوابدار ذوالفقار، در محمد، چاچو، الله واريو، ببلو ۽ ٻين گهوٽ کي نشي آور شئي پيئارڻ جي ڪوشش ته منع ڪرڻ تي جوابدارن ڄڃ مٿان تي حملو ڪندي عورتن تي تشدد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ مسمات زرينا ميراڻي فوت ٿي وئي آھي رپورٽ داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.