سکر روهڙي ايڪسائيز پوليس جي ڪارروائي، چرس اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام، 3 جوابدار گرفتار، 60 ڪلو کان وڌيڪ اعليٰ قسم جي چرس هٿ، تفصيل موجب روهڙي ايڪسائيز پوليس جي ٽيم ايڪسائيز انسپيڪٽر قمرالدين سيال جي سربراهي ۾ چيڪنگ دوران گاڏي مان ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري قبضي مان 60 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو آھي جوابدار بابر خان، عصمت الله ۽ علي احمد خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ان ڏس ۾ ايڪسائيز پوليس روهڙي گاڏي به تحويل ۾ وٺي جوابدارن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ ايڪسائيز پوليس جو چوڻ آھي ته سکر سميت سنڌ ۾ منشيات اسمگل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائيندا.