سکر:سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد فرخ احمد شاهه ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ سان گڏ شهر جي مختلف علائقن گوليمار، قريشي روڊ، نمائش، شر چوڪ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري علائقي واسين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا.ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ بريفنگ ڏيندي چيو ته سکر ميونسپلٽي جو عملو شهرين جي خدمت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اسان محدود وسيلن جي باوجود شهرين کي بهتر بلدياتي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهرين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪيون، جن تي ميونسپل ڪمشنر عمل ڪندي مسئلا حل ڪيا. ان کان علاوه ڊسپوزل اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڊرينيج سسٽم جي بهتري لاءِ سنڌ اسيمبلي ميمبر سيد فرخ احمد شاهه ٻين آفيسرن ۽ انجنيئرن سان گڏ ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ جي آفيس پهتو. سي اي او سيپڪو کان پڇاڻو ڪيو، ملاقات ۽ تفصيلي بريفنگ وٺڻ بعد هن سي اي او سيپڪو کي هدايتون جاري ڪيون ته ڊسپوزل اسٽيشنن تي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊول تبديل ڪيو وڃي ۽ ايڪسپريس فيڊرز کي به ڳنڍيو وڃي.