سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر پريالو جي هٽايل اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر نويد احمد ڪلوڙ کي بحال ڪري ڇڏيو، درخواستگذار پاران لڳايل الزام رد، درخواستگذار پاران پٽيشن واپس وٺي

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر پريالو جي هٽايل اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر نويد احمد ڪلوڙ کي بحال ڪري ڇڏيو، درخواستگذار پاران لڳايل الزام رد، درخواستگذار پاران پٽيشن واپس وٺي ڇڏي ان سلسلي ۾ پريالو جي ايڊمنسٽريٽر نويد احمد ڪلوڙ خلاف درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس ذوالفقار علي خان جي عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ۽ ٻين پاران جواب داخل ڪرايو جنهن بعد عدالت هٽايل ايڊمنسٽريٽر نويد احمد ڪلوڙ کي پنهنجي عهدي تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کانپوء درخواستگذار پاران پنهنجي وڪيل معرفت درخواست واپس وٺڻ بعد عدالت ڪيس ختم ڪري ڇڏيو۔