سکر :سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ واري معاملي جي حوالي سان سکر ڊسٽرڪٽ بارجي وڪيلن پاران احتجاجي ريلي (قدم وڌايو چيف جسٽس اسين اوهان سان گڏ آهيون)

سکر :سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود ڪرڻ واري معاملي جي حوالي سان سکر ڊسٽرڪٽ بارجي وڪيلن پاران احتجاجي ريلي (قدم وڌايو چيف جسٽس اسين اوهان سان گڏ آهيون) ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڪيلن جو وڏو انگ. آزاد عدليه جي حق ۾ نعرا هنيا، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن شفقت رحيم راجپوت، سردار قربان ڪلوڙ، ظهير بابر ۽ ٻين چيو ته موجوداحڪومت اعلي عدليه تي حملو ڪيو آهي، اسان عدليه تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ٿا ڪريون. ماضي وانگر آزاد عدليه لاءِ تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار آهيون، آئين کي غيرقانوني طور تي ٽوڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين.