سکر : صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ جلد انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ وڏي نيڪي آهي.

سکر : صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ جلد انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ وڏي نيڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر چيو ته هن اداري عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ عوام کي انصاف جي فراهمي ۽ مسئلن جي جلد حل لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تازن سالن ۾، وفاقي محتسب جي مدد سان پاڪستان ۾ سائلن جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ گراهڪن جا مسئلا هجن يا ملڪ جا مسئلا، انهن جا تڪڙا حل ۽ بروقت فيصلا ڪرڻ سان عوام جون شڪايتون دور ٿينديون، هن چيو ته ملڪ جي سمورن شعبن ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻ گهرجي، صدر چيو ته سکر ۾ وفاقي محتسب جا ڪيترائي ادارا آهن پر عوامي سطح تي ماڻهن کي انهن جي خبر ناهي، موجوده آفيسرن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ کي ميڊيا آڏو آڻين ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪيشن جو دور آهي، صدر مملڪت اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر هو سکر ايئرپورٽ کان آءِ بي اي يونيورسٽي پهتو، جتي هن وفاقي انشورنس محتسب ريجنل آفيس سکر جو افتتاح ڪيو، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل صدر جو استقبال ڪيو.