سکر : عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سکر ۾ عورتن جي سماجي تنظيم اسٽيپ فائونڊيشن پاران عورتن جي حقن لاءِ ريليون ڪڍيون ويون ۽ سکر پريس ڪلب آڏو عورتن جي تحفظ لاءِ (پروٽيڪشن آف وومين) تقريب ڪوٺائي وئي. سنڌ جي ناليوارن گلوڪارن ۽ فنڪارن عورتن تي ٿيندڙ ظلمن جي حوالي سان قومي گيت پيش ڪيا، تقريب کي خطاب ڪندي اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن ميڊم شاعستا کوسو ۽ ٻين عورت مقررين عورتن جي حقن جي حوالي سان اهم مسئلن تي روشني وڌي ۽ عورتن تي سماج جي ظالماڻي قانون کي برداشت نه ڪرڻ جو عزم ورجايو. اسان چاهيون ٿا ته سماج ۾ عورتن جي برابري هجي، سماج جي ظالماڻي قانون کي برداشت نه ڪنداسين، خاص ڪري ٻهراڙي جي عورتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن، قانون تي عمل ڪري مظلوم عورتن کي آزاد ڪيو وڃي. مڪمل انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.