سکر : وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي صوبائي وزير شهلا رضا سکر پهچي وئي، صوبائي وزير سکر وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي ريجنل آفيس جو افتتاح ڪيو، افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شهلا رضا چيو ته اسان عورتن خلاف ڪم ڪري رهيا آهيون. عورتن تي ٿيندڙ تشدد سميت عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪيو پيو وڃي، وومين اڪناميڪل پروگرام مان 20 لک عورتون فائدو حاصل ڪري گهرن کي سهارو ڏئي رهيون آهن، لاڙڪاڻي جي هڪ عورت 30 لک روپيا ڪمايا آهن، هن چيو ته کاتي ۾ آفيسرن جي کوٽ آهي، ان لاءِ 17 گريڊ جا 32 آفيسر چونڊيا ويا آهن، جن کي هن سال ئي مقرر ڪيو ويندو، اسان چائلڊ ميريج ايڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته سنڌ جي سمورن دارالامان ۾ خوراڪ جي بجيٽ تمام گهڻي آهي. سکر دارالامان ۾ ٻاهر جي مداخلت ٿي رهي آهي، عورتون 8-8 سالن کان دارالامان ۾ رهن پيون، دارالامان جي قانون ۾ صرف 90 ڏينهن رکڻ جي پاليسي آهي، هڪ عورت سکر دارالامان مان فرار ٿي وئي جنهن پوءِ وري هڪ سماجي تنظيم ذريعي پريس ڪانفرنس ڪئي، جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف هئي ته ڪنهن آفيسر وٽ شڪايت ڪري ها، اهڙي طرح سکر دارالامان ۾ مداخلت ٿي رهي آهي، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اهڙي مداخلت تي سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيتري مداخلت دارالامان ۾ ٿيندي ته اوترا ئي وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندا، شهلا رضا چيو ته ڪارو ڪاري هڪ اهڙو عمل آهي جنهن جي مقامي وڏن ماڻهن کي خبر آهي، ان تي انهن وڏن ماڻهن کي به آواز اٿارڻ گهرجي، سماج ۾ شعوري آگاهي جي به ضرورت آهي، هن چيو ته گهر مان نڪتل ڇوڪريءَ جي ڪيس ۾ اغوا ۽ زيادتي جون شقون شامل ڪيون وڃن، ڪنهن جي ورغلائڻ ۾ اچي گهران نڪرندڙ ڇوڪريءَ جو جيڪڏهن بي فارم موجود آهي ته ان جي ميڊيڪل ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهڙن ڪيسن ۾ فيصلا ڏيڻ وارن کي به سوچڻ گهرجي. شهلا رضا چيو ته اسان فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ عورتن بابت قانون ٺاهيو آهي، هراسان ڪرڻ لاءِ الڳ قانون جڙيل آهي،جيڪڏهن ڪنهن عورت کي هراسان ڪيو وڃي ته اها لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪري، ان عورت کي تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي نوڪري به بچائي ويندي، بعد ۾ هن سياسي، سماجي شخصيتن ۽ آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيشن جج ممتاز علي سولنگي، سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ الاهي بخش ميتلو، سکر يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري ساحل جوگي، وومين ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سکر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر الطاف کوسو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عبدالغفار ٿهيم، سکر نيشنل پريس ڪلب جي سينيئر نائب صدر رئوف عباسي، فيري هوم جي انچارج ايڊووڪيٽ فرزانه کوسو، ڊي آئي جي سکر آفيس وومين سيل جي انچارج رخسانا منگي، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي ياسر علي، سکر سينٽرل جيل سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.