سکر:يوٽيلٽي اسٽور تي سامان نه ملڻ سبب عوام سخت پريشان، شهرين جو چوڻ آهي ته يوٽيلٽي اسٽور جو عملو ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ باوجود پورو سامان نه ٿو ڏئي جنهن سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پويٿو ان موقعي تي ڳالهائيندي ريجنل ڊائريڪٽر لطف الله شيخ جو چوڻ هو ته حڪومت پاران ڏنل رمضان خصوصي پيڪج سبسڊي تحت 19 ضروري شيون فراهم ڪيون پيون وڃن جنهن ۾ اٽو۔ کنڊ۔گيھ۔تيل۔داليون۔شربت ۽ ٻيو سامان شامل آھي ۔ٻن ڏينهن کان سسٽم ۾ فني خرابي سبب ڪجهه يوٽيلٽي اسٽورن جي فراهمي بند هئي پر هاڻي سسٽم بحال ٿي ويو آهي، ماڻهو يوٽيلٽي اسٽورن تي اچي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هتي شيون بازار کان رعايتي اگهن تي ملن ٿيون سکر سميت ريجن جي سمورن يوٽليٽي اسٽورن کي روزاني جي بنياد تي سامان فراهم ڪيو وڃيٿو جيڪڏهن ڪوبه يوٽلٽي اسٽور وارو ڏنل ريٽ کان وڌيڪ اگھ وصول ڪريٿو ته ان بابت مهرباني ڪري شڪايت ڪريو ته جيئن ان خلاف ڪارروائي ٿي سگهي۔