سکر : پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي چيو آهي ته فتنا خان ملڪ جي ترقي کي ريورس گيئر ۾ وجهي ڇڏيو آهي

سکر : پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر ضلعي جي صدر خورشيد احمد ميراڻي چيو آهي ته فتنا خان ملڪ جي ترقي کي ريورس گيئر ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان کي معاشي تباهي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي تقريرون ۽ نئون روڊ ميپ ڏيڻ سان خان صاحب جا گناهه مٽجي نه سگهندا، اهڙو اظھار هن ضلعي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو خورشيد ميراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مسلم ليگ ن هميشه خدمت واري سياست ۔ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪيون آهن ۽ ڪندا رهنداسين، مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان نواز شريف جون سياسي ۽ عوامي خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون نه آهن سندس مشن ملڪي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي واري پيغام کي ڪارڪن عام ماڻهون تائين پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ۔ هن چيو ته سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه جي قيادت ۾ مسلم ليگ ن -سنڌ ۾  مضبوط ٿي رهي آهي، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سکر جي عوام جا مسئلا بغير رنگ نسل جي حل ڪرائڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي، ضلعي سيڪريٽريٽ جا دروازا عوام لاءِ 24 ڪلاڪ کليل آهن.