سکر : پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهوڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پي ڊي ايم يا ڪنهن به پارٽي سان ڪو به اتحاد ناهي، ان ڪري پيپلزپارٽي پنهنجي پليٽ فارم ۽ پنهنجي چونڊ نشان سان اليڪشن وڙهندي، هو پي ڊي ايم جو حصو نه پر پيپلز پارٽي جو حصو آهي.

سکر : پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهوڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جو پي ڊي ايم يا ڪنهن به پارٽي سان ڪو به اتحاد ناهي، ان ڪري پيپلزپارٽي پنهنجي پليٽ فارم ۽ پنهنجي چونڊ نشان سان اليڪشن وڙهندي، هو پي ڊي ايم جو حصو نه پر پيپلز پارٽي جو حصو آهي. وفاقي حڪومت ۾ اتحادي آهي، وفاقي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ وقت تي چونڊون ٿينديون هن چيو ته سنڌ کي گذريل آدمشماري تي سخت اعتراض هو ۽ هاڻي ڊجيٽل مردم شماري جي عمل کي تسليم نه ڪيو پيو وڃي، ڊجيٽل مردم شماري جي ٽيبليٽ ايپس ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪم نه ٿي ڪري  جنهن سبب ڊجيٽل مردم شماري جو عمل ائين لڳي رهيو آهي جيئن ماضي ۾ آر ٽي ايس ناڪام ٿي وئي هئي، نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڊجيٽل مردم شماري جي ٽيبلٽس کي آر ٽي ايس وانگر ڊائون لوڊ ڪيو ويو ته اهو اسان کي قبول نه هوندو، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته آدمشماري ڪرائي وڃي. شفاف ۽ سنڌ جي آبادي جي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ هڪ ڪلاڪ اندر پيدا ٿيندڙ ٻار کي به ڳڻپ ڪيو وڃي، شناختي ڪارڊ کي لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ ڌارين کي افغانستان۔ انڊيا، بنگلاديش ۽ سري لنڪا جا آهن ته جيئن خبر پوي ته ڪير پاڪستاني آهي ۽ ڪير غير ملڪي، گهر گهر وڃي هر گهر جي ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ ان تي نظر رکڻ ضروري آھي ته جيئن ٻهراڙين وارا  علائقا رهجي نه وڃن. جتي مردم شماري ڪرائيندڙ به پهچي سگهن، نظام کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۽ بحران پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن چونڊون ٿيڻيون هيون ته عمران خان ٻه صوبائي اسيمبليون ڇو ٽوڙي ڇڏيون  عمران خان قوم کي جواب ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون جلد چونڊون وفاق تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي، جيڪڏهن 30 اپريل تي چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي حصو وٺندي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ موجب سڄي ملڪ ۾ چونڊون هڪ ڏينهن تي ٿيڻ گهرجن. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ٻن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون پراڻي آدمشماري تحت ٿين ۽ وفاق سميت باقي ٻن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون نئين آدمشماري تحت ٿين. اهو عمل پاڪستان جي سياسي نظام تي حملو آهي، نثار کهڙي وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي 4 اپريل تي ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عدالتي قتل جي حوالي سان ريلي ڪڍي ويندي  2008ع کان شهيد ڀٽو ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿي رهي آهي،