سکر : پنو عاقل جي رهواسڻ مسمات ياسمين قاضي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ سندس پٽ نعمان قاضي سان بروهي برادري سان تعلق رکندڙ ڇوڪري صابرا بروهي سان ڪراچي ۾ شادي ڪئي هئي، جنهن تي صابرا جا مائٽ اسان جا جاني دشمن بڻجي ويا آهن، هنن اسان کي ڪراچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪرڻ چاهيو، جڏهن اسان سکر پهتاسين ته هتي به اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جي موجودگيءَ ۾ جوابدارن پنو عاقل ۾ اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري گهرن کي تباهه ڪيو ۽ گهرن ۾ رکيل قيمتي سامان پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا آھن ۽ اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن پر پوليس اسان کي تحفظ فراهم ڪرڻ کان قاصر آهي،متاثر عورت اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.