سکر: پنو عاقل جي ڳوٺ رستم خان ڪورائي جي رهواسي محمد اقبال ڪورائي گهر تي مبينه قبضي خلاف گهرواري سميت سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي محمد اقبال ڪورائي جو چوڻ هو ته جوابدار غلام سرور ۽ ٻين گهرن تي ناجائز قبضو ڪري ورتو،قبضي خلاف حد ٿاڻي تي رپورٽ لکرائڻ لاء . ٻه ڀيرا ويو آھيان پر هنن رپورٽ لکڻ کان انڪار ڪندي موٽائي ڇڏيو آھي، اسان انصاف لاءِ ڪيترائي در کڙڪائي ٿڪجي پيا آهيون، گهرن تي قبضو ڪندڙ جوابدار قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهيون، متاثرن ڊي آءِ جي سکر۔ايس ايس پي سکر سميت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي گهر تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي۔